سکر(رپورٽ ذوالفقار سولنگي) سکر جي سائيٽ ايريا واري علائقن ۾ دريائي بند ۽ ڪچي وارا علائقا ويجها هجڻ سبب ڏوهي وارڌاتون ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو آهي، جنهن سبب ٿاڻن تي مقرر ايس ايچ اوز ۽ اهلڪارن کي چوڪس رکڻ لاء مان پاڻ رات ڏينهن پنهنجي حدن ۾ گسٽ ڪندو رهندو آهيان، ايس ايس پي عرفان سمون جي خصوصي هدايتن سبب مختلف چوڪن تي پوليس پڪٽس قائم ڪري پوليس عملدار مقرر ڪيا آهن جيئن ڏوهن ۾ ڪمي اچي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ذميواري ۽ فرض آهي، منهنجي آفيس جا دروازا شهرين لاء هميشه کليل آهن ڪابه شڪايت هجي ته اهي مون سان رابطو ڪن، ڊي ايس پي سائيٽ عبدالستار ڦل جون روزاني پاڪ سوچ سان ڳالهيون،
تفصيل موجب، ڊي ايس پي سائيٽ ايريا سکر عبدالستار ڦل روزاني پاڪ سوچ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سکر سائيٽ واري علائقن ۾ دريائي بند ۽ ڪچي وارا علائقا ويجها هجڻ سبب ڏوهي وارڌاتون ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو آهي، هٿيار بند ڏوهاري شهر مان ڏوهي وارڌاتون ڪري ڪچي طرف ويندا آهن، پر اسان ايس ايس پي عرفان سمون جي خصوصي هدايتن تي عمل ڪندي مختلف جاين تي پوليس پڪٽس قائم ڪري ڏوهارين جا رستا روڪيا آهن، ڊي ايس پي عبدالستار ڦل وڌيڪ چيو ته ٿاڻن تي مقرر ايس ايچ اوز ۽ اهلڪارن کي چوڪس رکڻ لاء مان پاڻ رات ۽ ڏينهن ۾ پنهنجي حدن جو گسٽ ڪندو رهندو آهيان، ته جيئن پوليس چوس رهي، هن وڌيڪ چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ذميواري ۽ فرضن ۾ شامل آهي، ۽ منهنجي آفيس جا دروازا شهرين لاء هميشه کليل آهن ڪابه شڪايت هجي ته اهي مون سان رابطو ڪن، ته جيئن انهن جا مسئلا حل ڪري سگهون،

0 پهنجي رائ جو اظهار ڪيو:
ایک تبصرہ شائع کریں