ريڊ لائن بي آر ٽي  بس منصوبو ماحول دوست بائيو گيس تي ھوندو؛ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه

چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ ريڊ لائين بس منصوبي جي بابت اجلاس

 (ڪراچي 31 مارچ 2021) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه چيو آهي هن سال جولاءِ کان ريڊ لائن منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو ۽ ريڊ لائن منصوبي تي هلڻ واريون 250 بسون ماحول دوست بائيو گيس جي بنياد تي هونديون. اها ڳالهه هن اڄ ريڊ لائين منصوبي جي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾  سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ شارق احمد، ڪمشنر ڪراچي نويد احمد شيخ، منصوبي جي سي اي او واصف اجلال، جنرل مينيجر سيد مرتضٰي اصغر ۽ احمد ڪڊوائي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سي اي او ٽرانز ڪراچي واصف اجلال ٻڌايو ته ريڊ لائين جي فزيبلٽي اسٽڊي جي مطابق هن پروجيڪٽ جو پنهنجو هڪ بائيو گيس پلانٽ هوندو جيڪو لانڊهي ڪيٽل ڪالوني ۾ واقع هوندو، جتي 3000 ٽن جانورن جو فضول (ويسٽ) مان  11 ٽن ڪمپريسڊ بايو ميٽرڪ گئس (سي بي جي) انهن بسن کي فراهم ڪندو ۽ وقت گذرڻ سان گڏو گڏ ان ۾ طلب جي حساب سان اضافو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت پاران ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي تعاون سان 500 ملين ڊالر جي بس رپيڊ ٽرانزٽ سسٽم (بي آرٽي ايس) ريڊ لائين بس منصوبي جي ابتدائي منصوبه بندي مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن جي تحت خصوصي ڪوريڊور ملير هالٽ کان نمائش چورنگي براسته يونيورسٽي روڊ تعمير ڪيو ويندو. . ريڊ لائن منصوبي جي خاص ڳالهه اها آهي ته پيپلز چورنگي کان وٺي صفورا چورنگي تائين سائيڪلنگ ٽريڪ پڻ تعمير ڪيا ويندا، شهر ۾ پهريون دفعو بي آر ٽي ايس جو نئون نظام ٿرڊ جنريشن متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ ريڊ لائين بس منصوبي کي خصوصي ڪوريڊور کان 8 روٽس ڳنڍيا  ويندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٿرڊ جنريشن جي خاصيت اها آهي ته مين ڪوريڊور سان گڏ ٻيا روٽس پڻ ڳنڍيل ھوندا آهن ۽ انهن جون بسيون پڻ انهيءَ ڪوريڊور تي هلنديون آهن ماڊل ڪالوني کان نمائش چورنگي تي ريڊ لائين بس سروس پڻ هلندي ۽ ان سان گڏ ٻين 8 روٽس جي پبلڪ ٽرانسپورٽ پڻ ان ڪوريڊور تي آپريٽ هونديون ۽  روٽ تي ھلندڙ  سموريون نيون بسيون هونديون، ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت بس انڊسٽري ري اسٽرڪچرنگ پروگرام جوڙي رهي آهي جنهن جي تحت ريڊ لائن سان ڳنڍيل  8 روٽس تي آپريٽ ٿيڻ واريون پبلڪ ٽرانسپورٽ جي مالڪن کي حوصلا افزائي ڏني ويندي ته هو پنهنجن بسين کي اسڪريپ ڪري ڇڏين ۽ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جي تحت نيون بسيون خريد ڪري انهن روٽس تي آپريٽ ڪن. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه چيو آهي ته  بائيو ميتهين جي استعمال سان شهر ۾ ڪاربن جي خارج ٿيڻ جي سطح ۾ پڻ نمايان گهٽتائي واقع ٿيندي. ممتاز علي شاهه وڌيڪ چيو آهي ته منصوبي جي تڪميل سان 3 لک 50 هزار کان وڌيڪ مسافرن کي روزانو سفري سهولتون ملنديون، هن چيو ته ريڊ لائن جو خصوصي ڪوريڊور نئين تعمير ٿيل يونيورسٽي روڊ کان گذرندو ۽ اھو روڊ جي وچ تي فٽ پاٿ تي تعمير ٿيندو ۽ ڪوريڊور سان گڏ 25000 ٻوٽا پڻ لڳايا ويندا. ريڊ لائين بي آر ٽي ماحول دوست بائيو گيس جي بنياد تي هوندي. چيف سيڪريٽري سنڌ سمورن يوٽيليٽي فراهم ڪرڻ وارن ادارن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته هو منصوبي جي وچ تي انھن ادارن جا سمورا اثاثا بشمول پائپ ۽ تاريون ٻي ھنڌ منتقل ڪيون وڃن.

 

0 پهنجي رائ جو اظهار ڪيو:

ایک تبصرہ شائع کریں

 
Top